ٿڌي نئن

ٿَڌِيءَ نَئن: ڪراچيءَ جي اُتر- اوڀر طرف هڪ ننڍيءَ نئن جو نالو، جنهن جي ڪناري تي ملڪ طوطا خان ڪرمتيءَ جو مشهور مقام آهي، جيڪو فن سنگتراشيءَ جو هڪ نادر نمونو آهي. هي نئن ملير ڇانوڻيءَ وٽ جدا اونهي نئن ۾ تبديل ٿي ويندي آهي، جيڪا پوءِ ڊرگ ڪالونيءَ وٽ ملير نئن سان گڏجي ويندي آهي .


لفظ ٿڌي نئنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو